جاني بيگ مرزا جو مقبرو

جاني بيگ مرزا جو مقبرو: هيءُ مقبرو مڪليءَ جي قبرستان ٺٽي ۾ آهي. جاني بيگ جو اٺڪنڊو مقبرو ھڪ احاطي جي اندر آهي، جنھن جي ماپ 78.6x71x9 فوٽ آھي، جي وچ تي ٺھيل آھي. ھن احاطي کي اوڀر ۾ لنگھه لاءِ دروازو ۽ اولھه ۾ محراب ٺھيل آھي. احاطو سادن پٿرن جو آهي، جنھن کي دروازو پٿر جي چائنٺ ۾ لڳل آھي. ان جي مھاڙي سرن جي ڪاريگريءَ جو اعليٰ نمونو آهي، جتي سرن جا جوڙ ھڪ خاص خوبصورتي پيدا ڪن ٿا. جھريدار ليڪ ۾ ڀريل اڇو مصالحو ميناڪاريءَ جو ڏيک ڏئي ٿو. ڳاڙھي ڌتيل رنگ جي سرن ۽ نيري رنگ جي ڪاشيءَ جي سرن کي واري سان استعمال ڪيو ويو آھي. پيڙھ ۾ به ڪاشيءَ جي سرن جي نقش نگاري ٿيل آھي. ڪاشيءَ جو ڪم وقت گذرڻ کان پوءِ جھڪو ٿي ويو آھي ۽ سرون ھنڌان ھنڌان اکڙي ويون آھن. ڪجھه ڪم محترمه بينظير ڀٽو شھيد جي حڪومت 1996ع ۾ ڪرايو. چانئٺ جي مٿان پٿر جون ڄاريون لڳل ھيون، جن مان لنگھه واري دروازي وٽ ڏکڻ ۾ ھڪ ڄاري اڃا پنھنجي جوڀن جون يادون تازيون پئي ڪرائي ۽ ڪنڊن وٽ ست محراب اٿس، جي اندر طرف آھن ۽ اٺون پاسو ڏاڪڻ جو آھي. ڏاڪڻ وارو پاسو ڏکڻ- اولھه جي ڪنڊ ۾ آھي. اٺڪنڊو ٿَلھو زمين جي مٿاڇري کان سوا ٽي فوٽ اوچو آھي، جنھن تي مقبرو اڏيل آھي. ھينري ڪزنس جي زماني ۾ گنبذ سلامت ھو، پر ھاڻي ڊھي پيو آھي. مقبري ۾ اندر ٽي قبرون آھن، جيڪي ترخان دور جي نموني تي ٺھيل آھن. ٻه قبرون ماربل جي پٿر جون ٺھيل آھن.

مرزا جاني بيگ بن محمد پائينده بيگ جو مقبرو مرزا غازي بيگ سندس وفات بعد ٺھرايو. مرزا محمد باقيءَ جي مرڻ کانپوءِ سندس وڏي پٽ پائينده بيگ کي تخت تي ويھاريو ويو، جيڪو نيم پاڳل ھو ته اميرن يڪراءِ ٿي جاني بيگ (جيڪو پائينده بيگ جو پٽ ھو) کي تخت تي ويھاريو. اھو سال 1584ع ھو. جاني بيگ جي مقبري جو گنبذ نرالي نوعيت جو يعني ڪنول جي گل جي صورت وانگر ٺهيل آھي. اولھه واري ديوار جي وچ ۾ محراب جي پيشانيءَ تي ھيءَ آيت لکيل آھي:

فنادتة الملائکة وھو قائم يصلي في المحراب. (سورة آل عمران)

تاريخ مرزا جاني بيست ھفتم ماه رجب 1009 ھه

بيروني دروازي جي پٿرن واري چانئٺ جي ٻن پاسن ۽ مٿان پيشانيءَ تي ٻاھرين طرف کان ھيٺينءَ ريت ٽن آيتن جي اڪر آھي:

(1) ان الذين آمنو وعملوا الصالحات .... کلمٰت ربي.

(2) ولو جئنا............ ولا يشرک.

(3) بعبادة ربھ، احدا، قال، لله سبحانھ تعاليٰ و سيق الذين ..... خالدين.

مقبري جي اٺن محرابن مان هر هڪ تي ڪاشيءَ جي سر مٿان هيءُ آيت لکيل آهي:

فالله خيرُ حافظا وهو ارحم الرّاحمين.

گنبذ اندر مرڪزي ٿلھي تي، جنھن جي ڏکڻ واري ڀت خوبصورت آھي. ٻه قبرون ماربل جون ٺھيل آھن. جن مان ھڪ جاني بيگ جي ۽ ٻي غازي بيگ جي آھي. انھن تي ڪو به تاريخي ڪتبو ڪو نه آھي فقط ھڪ آيت اڪريل آھي.

الله لااله الا ھو الحي العلي العظيم

جاني بيگ جو دور 1584ع کان 1591ع تائين ھو. ان کان اڳ ھو باقي جي دور ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪري چڪو ھو. باقي بيگ جي مرڻ وقت پاڻ ۽ سندس پيءُ سيوھڻ ۾ منصبدار ھئا. جاني بيگ جنگجو ۽ شاعر ھو ۽ حليمي تخلص استعمال ڪندو ھو.



هن صفحي کي شيئر ڪريو